مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

چونڊ مضمون

Karachi Kings.png

ڪراچي ڪنگز پاڪستان جي هڪ پيشوار ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ ٽيم آهي، جيڪا پاڪستان سپر ليگ جو حصو آهي. هي ٽيم پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تي مشتمل آهي. هن ٽيم جو قيام 2015ع تي ٿيو، جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان سپر ليگ جو بنياد رکيو ويو. هن ٽيم جو گھرو ميدان نيشنل اسٽيڊيم آهي. هن وقت هن ٽيم جو ڪيپٽن عماد وسيم آهي، ۽ ڪوچ ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو رانديگر مڪي آرٿر آهي. ڪراچي ڪنگز جو مالڪ سلمان اقبال آهي، جڏهن 3 ڊسمبر 2015ع تي، پي سي بي، پاڪستان جي پنج شهرن تي مشتمل ٽيمن جي مالڪن جو اعلان ڪيو ويو. هي ٽيم اي آر وائي گروپ کي 26 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ان وقت هي مهانگي ترين ٽيم هئي. ٽيم جي نشان ۾ شينهن ڇاپيل آهي، جنهن جي هيٺيان سوني ۽ اڇي رنگ سان ڪراچي ڪنگز لکيل آهي، انهي تقريب ۾ ٽيم جي مالڪ سلمان اقبال چيو ته ٽيم جي نشاني ڪراچي جي مزاج جي نمائندگي ڪندڙ آهي. هن ٽيم جي ڪپڙن جو رنگ نيرو ۽ سونو آهي. کاٻي پاسي کان هيٺين طرف شينهن جو نشان پڻ ڪپڙن ۾ ڇاپيل آهي. هن ٽيم جا ڪپڙا اي جي اسپورٽس پاران تيار ڪيا وڃن ٿا.

بهترين مضمون

Maxim Gorky LOC Restored edit1.jpg

ميڪسم گورڪي روسي ليکڪ ۽ اديب هو. هي 16 مارچ 1868 ۾ زار اليگزينڊر ٻيون جي دور ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ادب ۾ سماجوادي حقيقت پسنديءَ جي رجحان جو باني ۽ سياسي ڪارڪن پڻ ھو. ھي ادب جي نوبل انعام جي لاءِ پنج دفعا چونڊيو ويو. روس اندر اُٿندڙ سوشل ڊيموڪريٽڪ تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ کلي عام ھن زارشاھي جي حڪومت جي مخالفت ڪئي ۽ ان وقت جي بالشويڪي ڌر جي ولاديمير لينن ۽ اليگزينڊر باگدانوف جي ويجھو رهيو. گورڪي جي لکڻين ھن کي معاشري جو بي مثال آواز بڻائي ڇڏيو ۽ ھي روس جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تبديلي جو ھڪ سرگرم وڪيل بڻجي ويو. مئڪسم گورڪي پنھنجي عمر جو وڏو حصو جلاوطني ۾ گذاريو. 1932ع ۾ جوزف اسٽالن جي دؤر ۾ سندس ذاتي دعوت تي سوويت يونين موٽي آيو ۽ پوء اتي رھيو ۽ جون 1936 ۾ وفات ڪيائين.

هاڻوڪا واقعا

ڪوفي عنان
  • گڏيل قومن جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ۽ امن نوبل انعام ماڻيندڙ، ڪوفي عنان (تصوير) 80 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
  • آماڊو بائڊو (تصوير) ارجنٽائن جو اڳوڻو نائب صدر، جنهن کي ڪرپشن جي الزام ۾ 5 سال 10 مهينا سزا ڏني وئي.
  • سائنسدانن پاران مريخ تي 20 ڪلوميٽر ڊگھي (12 ميل) پاڻي جي تلاهه (تصوير) دريافت ڪئي وئي.
  • فٽبال ورلڊ ڪپ ڪروئيشيا کان فرانس کٽي ورتي. (تصوير، اينتو گرزمين، راند جو بهترين کلاڙي)
  • مستونگ ۾ چونڊ مهم دوران ڌماڪي ۾ اسلم رئيساڻي سميت 128 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.

هلندڙ: ايشِائي رانديون

تازيون فوتگيون: دادا جشن واسواڻي، رسول بخش پليجو، مشتاق احمد يوسفي، وڌيڪ...

اڄ جو ڏينهن

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 10,338 مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

1

ڇمڪڻي
پَسارڪي وکر جو هڪ قسم
امَلتاس جي هڪ ڦَرِي، جيڪا ڇِمڪَڻ جو آواز ڪندي آهي.

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

  • ... ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا ڪتاب مصر جي جامع الازهر جي نصاب ۾ شامل آهن.
  • ... ته نورواهه ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس نورواهه نالو پيو.
  • ... ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف جي شروعات ڪلهوڙا دور مان ٿيل ڀائنجي ٿي، جتي قاضي قاضن جي شاعري جي هڪ ستٽجي جواب ۾ ابو الحسن تنقيدي بيت لکيو هو.
  • ... ته سج اڀرڻ ۽ سج لھڻ جي وقت گلابي چمڪ افق جي مٿان لڳ ڀڳ 10 ڊگري - 20 ڊگري تي ٿيندي آھي، ان کي زھره جو پٽو چيو ويندو آهي.
  • ... ته مڙس جي وفات کان پوءِ لسٻيلي رياست جي حڪمران مائي چاڳلي ٿي، خودمختيار حڪومت سبب ڪن پاڙيسري سردارن کي حسد ٿيڻ لڳو ۽ ڪاوڙ وچان چوڻ لڳا ته، ڏاڙهي ڪانهي ڏيهه ۾، تڏهن چاڳلي ٿي چاڳ ڪري.
  • ... ته پاڪستان جي آئين ۾ چوٿين ترميم 21 نومبر 1975ع تي نافذ ٿي، جنهن مطابق سنگين ڏوھ ۾ ملوث مبينه ڏوھاري کي ضمانت ڏيڻ جي لاءِ عدالتي اختيارن کي ختم ڪيو ويو.

اڄ جي تصوير

وڪيپيڊيا:چونڊ تصويرون/آگسٽ 27، 2018

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 10,338 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon.png ، Tumblr icon.png ، Instagram logo 2016.svg ۽ Google-plus-pink.svg ۾ گڏجو.
(ياد رهي! سماجي رابطن واري ويب سائيٽ سان وڪيپيڊيا جو ڪو سڌو تعلق ناهي.)

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا به ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا به ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.